اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊينمارڪ فوسل فيولز تي ڀاڙڻ گه?? ڪرڻ جي لاءِ ڪچري مان توانائي پيدا ڪرڻ ۽ ڪچري کي موثر طور تي ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ تجربن مان فائدو کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊينمارڪ جي ??فير ليس روزن هوم ه??ي پارليامينٽ ها??وس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم ايڇ مانڊوي والا سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافي جي ??مڪانن جو جائزو ورتو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مستحڪم بڻائڻ تي زور ڏنو ڇو ته هن وقت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو گهربل سطح تي نه آهي، هن سفير کي چيو ته ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي پاڪست??ن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ متوجهه ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ کيس پاڪست??ن ۾ پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، ڊينمارڪ جي ??فير ڊپٽي چيئرمين جي ??يالن سان اتفاق ڪندي چيو ته پارلياماني وفدن جي ٻه طرفي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ??رورت آهي.