اسلام آباد – 06 آگ??ٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي نوجوانن جي معامل واري خاص معاون عثمان ڊار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فرا?? سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران 9 آگ??ٽ کي ٽائيگر فورس ڊي ??ور ملهائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ٽ??ئيگر فورس جي رضاڪارن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وبائي صورتحال ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي خدمتن تي رضاڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ٽ??ئيگر فورس هڪ ڀيرو ٻيهر عملي طور تي ثابت ڪيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن بي مثال آهي. وزيراعظم جي خاص معاون عثمان ڊار چيو ته ٽ??ئيگر فورس جي رضاڪارن ڪورونا وبا دوران خدمت خلق جي جذبي سان مثالي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي 9 آگ??ٽ جي ڏينهن کي ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 9 آگ??ٽ کي پاڪستان جي تاريخ جي هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻوٽا هڻي انهن رضاڪارن جي خدمتن کي ساراهيو ويندو.