اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي ۽ فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ ايڪٽ 2020ع جي تجويز ڪيل مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم ڪڻڪ کي عوام جي بنيادي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته ملڪ جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ضرورت آهي ته جيئن آبادي جي ضرورتن موجب ڪڻڪ جي پيداوار ۽ سپلائي کي يقيني بڻائي ??گهجي. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا شگر انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي ڪميشن رپورٽ جي سفارشن جي حوالي سان مستقبل جي حڪمت عملي جي منظوري ڏني. وزيراعظم چيو ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي س??ن جاچ جي لاءِ ڪميشن جو قيام عوامي مفاد ۾ ڪيو ويو. هن انڪوائري ڪميشن جي سفارشن جي ڏس ۾ لاڳاپيل ادارن کي ڏني ويندڙ ذميوارين جي حوالي سان هدايت ڪئي ??ه سمورا لاڳاپيل ادارا مقرر مدي ۾ ان مع??ملي کي منطقي انجام تائين پهچائين. وزيراعظم عمران خ??ن جي هدايت موجب خاص مع??ونين پاران اثاثن جا تفصيل پيش ڪرڻ جي عمل ۾ اڳڀرائي ??ي حوالي سان ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم عمران خ??ن جي هدايت جي روشني ۾ سمورن خاص مع??ونين پاران پنهنجي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا پيا وڃن. تازي اطلاعن موجب هيستائين هڪ صلاحڪار جڏهن ته ٽن خاص مع??ونين کي اڃا اثاثا جمع ڪرائڻا آهن جيڪي جمع ڪرايا ويندا. ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ??ڻڻ بابت قدمن جي حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار ڪابينا کي ڪڻڪ جي صورتحال، صوبائي ??ڪومتن پاران ڪڻڪ جي خريداري، ذخيرن جي صورتحال ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽٽائي ??ڻڻ جي حوالي سان صوبائي ??ڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن کان آگاهه ڪيو.