اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي حوالي سان پاڪستان ۾ حالتون دنيا جي ٻين ملڪن ج?? ڀيٽ ۾ ڪنٽرول ۾ آهن، احتياطي تدبيرون اختيار ??رڻ ۽ عوام ۾ اعتماد پيدا ??رڻ سان صورتحال ۾ نمايان بهتري اچي سگهي ٿي، عوام جيڪڏهن ڪورونا وائرس جون علامتون محسوس ڪري ته فوري طور ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي ٽيسٽ جي لاءِ رجوع ڪري، عوام ۾ آگاهي مهم شروع ??رڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ ان حوالي سان جلد هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. اها ڳاله?? وزيراعظم عمران خان نيشنل هيلٿ ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.