ڊيووس – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏيڍ س??ل اسان وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏنو، وڏا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون ساڙڻيون پونديون آهن، اسان جي حڪومت ل??ءِ وڏو چئلين?? ماضي جي حڪومت طرفان ورتل قرضن جو ڍير ۽ گردشي قرض هو، حڪومتي قدمن سان معيشت بهتر ٿي رهي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري اچي رهي آهي، غير ملڪي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان جو رخ درست آهي، پاڪستان لاءِ سٺو وقت شروع ٿيڻ وارو آهي. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن پاڪستان بريڪ فاسٽ ميٽ ۾ اهم ڪاروباري شخصيتن سان ڳالهائيندي ڪيو.