اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه??، ته ملائيشيا جي ٻو?? متاثر عوام سان يڪجهتي جي ??ظهار طور انساني امداد موڪلي رهيا آه??ون، ملائيشيا جي وزيراعظم سان ٽيليفونڪ گفتگو ۾ ان نقصان تي ساڻس همدي جو اظهار ڪيو ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون. گذريل ڏينهن ايڪس ت?? پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون ۽ ساڻس شديد برساتن سبب ٿيل ٻوڏ تي ملائيشيا جي ??وام سان انساني حياتين جي نقصان ۽ ملڪيتن کي پهتل نقصان تي همدردي جو اظهار ڪيو جڏهن ته انهن نقصانن کان پوءِ ملائيشيا جي ??ڪومت طرفان فوري رد عمل کي ساراهيو ويو. وزيراعظم چيو ته اسان جلد انساني امداد يڪجهتي طور موڪلي رهيا آه??ون، ملائيشيا جي وزيراعظم سان ٽيليفونڪ ڳ??لهين ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل مفادن لاءِ ڪم جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.