اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو آهي ته صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، پ پ جي حڪومتي دؤر ۾ عورتن تي تشدد ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ خلاف قانونسازي ڪئي وئي. ڪالهه عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري ع??لم?? ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 25 نومبر سڄي دنيا ۾ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جو ع??لم?? ڏينهن آهي. صنفي بنيادن تي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن جي سلامتي ۽ وقار لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. عورت تي تشدد بهادري ناهي پر بزدليءَ جي نشاني آهي. هن چيو ته پ پ عورتن تي هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪري ٿي، جنهن مع??شر?? ۾ عورت ڪمزور آهي اهو مع??شر?? ترقي يافته ناهي هوندو. هن چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح فرمايو ته ڪابه قوم ڪڏهن پنهنجي وجود جي لائق نٿي ٿي سگهي جيڪا پنهنجي عورتن کي مردن سان گڏ نه وٺي وڃي سگهي. 1973ع جي آئين موجب زن??گيءَ جي هر شعبي ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لازم?? قرار ڏنو ويو آهي.