اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) ??فا??ي گه??و وزير محسن نقوي ل??ڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گاڏيءَ تي حملي جي افسوسناڪ واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ نادرا کي حملو ڪندڙن جي سُڃاڻپ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ گه??و وزير نادرا کي هدايت ڏني ته فوٽيجز ذريعي حملو ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وڃي. حملي ڪندڙن خلاف قانون?? ڪارروائي ڪئي وين??ي. ??اڪستان ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. گه??و وزير چيو ته حملو ڪندڙن جو شناخت?? ڪارڊ بلاڪ ۽ پاسپورٽ رد ڪيو ويندو، جن حملو ڪيو آهي انهن جي شهريت ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي وين??ي. ??ن چيو ته شهريت ختم ڪرڻ جو ڪيس منظوريءَ لاءِ ڪابينه ڏانهن موڪليو ويندو. هن واضح ڪيو ته ڪنهن کي به اهڙيءَ طرح جي حملي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ج?? ڪار تي حملو ٿيو آهي، اسان ان واقعي تي خاموش نٿا ويهي سگهون. ??فا??ي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اڳوڻي چيف جسٽس کي ڌمڪيون ملي رهيون هيون ته ان کي سيڪيورٽي ڇو نه فراهم ڪئي وئي.