اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي قيادت سان ملاقاتن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مضبوط ۽ گڏ??ل طور تي لاڀائتي حصيداري جي ذريعي پاڪ سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏ??ل خواهش جو ورجاءُ ڪندس. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايتو ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ خ??بصورت شهر رياض په??و آهيان، سڀني جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ سياسي، ڪاروباري ۽ ڪارپوريٽ ادارن جي اڳواڻن جي ان متاثر ڪندڙ ميڙ ۾ شرڪت جو منتظر آهيان. هن چيو ته سعودي قيادت سان پنهنجي ملاقاتن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مضبوط ۽ گڏ??ل طور تي لاڀائتي حصيداري جي ذريعي پاڪ سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏ??ل خواهش جو ورجاءُ ڪندس.