اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين سيڪيورٽي، تعليم، زراعت، انساني وسيلن جي ترقي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪندي طئي ٿيل 13 مفاهمت جي ي??دد??شتن ۽ دستياويزن جي مٽاسٽا ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيني وزيراعظم لي ??يانگ جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻوله?? کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ منعقد تقريب ۾ ايم او يوز، معاهدن ۽ دستياويزن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ٻئي وزيراعظم پنهنجي پنهنجي وفدن سان گڏ ان موقعي تي موجود هئا. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ چين جي واپار واري وزير وانگ وينتائو سمارٽ ڪلاس رومز پراجيڪٽ جي حوالگي بابت مفاهمت جي ي??دد??شت جي دستاويز جي مٽاسٽا ڪئي. سي پيڪ گڏيل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (جي سي سي) جي 13 هين اجلاس جي منٽس بابت مفاهمت جي ي??دد??شت جي دستاويز جي مٽاسٽا منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ چين جي نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن جي وائيس چيئرمين ليو سوشو ڪئي. سي پيڪ تحت گوادر تي گڏيل ورڪنگ گروپ جي ستين اجلاس جي منٽس بابت مفاهمت جي ي??دد??شت جي مٽاسٽا منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ چين جي نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن جي وائيس چيئرمين ليو سوشو ڪئي. سي پيڪ روزگار جي فروغ جي لاءِ تعاون جي مفاهمت جي ي??دد??شت جي مٽاسٽا منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ چين جي نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن جي وائيس چيئرمين ليو سوشو ڪئي. اطلاعات ۽ مواصلات جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي ي??دد??شت جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ چين جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئي. پاڻي جي ٺڪاڻن جو تحفظ، فلڊ ڪنٽرول ۽ آفتن ۾ گهٽتائي بابت گڏيل تعاون جي ٺاهه جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ چين جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئي. سلامتي جي شعبي ۾ تعاون جي مفاهمت جي ي??دد??شت جي دستاويز جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ چين جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئي. جي ڊي آءِ تحت انساني وسيلن جي ترقي تي ليٽر آف ايڪسچينج جي مفاهمت جي ي??دد??شت جي دستاويز جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ چين جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئي. اسلام آباد ۾ باهه وسائيندڙ گاڏين بابت سهڪاري پروگرام جي ليٽر آف ايڪسچينج جي مفاهمت جي ي??دد??شت جي دستاويز جي مٽاسٽا اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما ۽ چين جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين ليو جائو هوئي ڪئي. چين کي گڏهن جي برآمد بابت قرنطينه گهرجن بابت پروٽوڪول جي دستاويز جي مٽاسٽا غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پاڪستان ۾ چين جي سفي?? جيانگ زيڊونگ ڪئي. گڏيل ليبارٽرين جي گڏيل معاونت بابت مفاهمت جي ي??دد??شت جي دستاويز جي مٽاسٽا سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ساجد بلوچ ۽ پاڪستان ۾ چين جي سفي?? جيانگ زيڊونگ ڪئي. گڏيل ٽي وي پروگرامن جي تياري بابت مفاهمت جي ي??دد??شت جي دستاويز جي مٽاسٽا اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پاڪستان ۾ چين جي سفي?? جيانگ زيڊونگ ڪئي. ان موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ پيپلز بئنڪ آف چائنا جي وچ ۾ ڪرنسي جي مٽاسٽا جي معاهدي جو پڻ اعلان ڪيو ويو.