راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) اُتر وزيرستان جي ضلعي جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن خلاف بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمدعلي شوڪت سميت پاڪ فوج جي شهيد 6 جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد (??مر 43 سال، رهواسي فيصل آباد)، لانس ن??ئيڪ محمد الله شهيد (??مر 29 سال، رهواسي خيبر)، لانس ن??ئيڪ اختر زمان شهيد (??مر 30 سال، رهواسي لڪي مروت)، لانس ن??ئيڪ شاهد الله شهيد (??مر 29 سال، رهواسي ٽانڪ)، لانس ن??ئيڪ يوسف علي شهيد (??مر 31 سال، رهواسي اورڪزئي) ۽ سپاهي جميل احمد شهيد (??مر 26 سال، رهواسي سوات) گذريل ڏينهن دهشتگردن سان بهادريءَ سان مق??بل?? ڪندي شهادت ماڻي، جن کي سندن اباڻن ڳوٺن ۾ مڪمل ??وج?? اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ سينيئر حاضر سروس ??وج?? آفيسرن، ??وج?? جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقن جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي شيهدن جون اهي قربانيون دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ ۾ اسان جي عزم ۽ حوصلي کي تقويت بخشين ٿيون.