نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ايس ??ي ??لس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊيرليين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مسلسل ڳال??ه ٻولهه ۽ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي يور??ي ??ونين سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ڳال??ه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ارسلا وان کي يورپي ڪميشن جي ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ يور??ي ??ونين جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. جي ايس ??ي ??لس اسڪيم تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ايس ??ي ??لس بابت عالمي ڪنوينشنز کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ۽ يورپي ڪميشن جي صدر جي وچ ۾ اها ملاقات عالمي معاملن تي گڏيل مفادن ۽ تعاون تي فعال رابطن ۽ تعاون جي عڪاسي ڪري ٿي.