نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سومر ڏينهن نيويارڪ پهچندو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي دوري دوران وزي??اع??م سان گڏ آهن. وزي??اع??م پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان سان گڏوگڏ وزي??اع??م پائيدار ترقي جي هدفن بابت ايس جي ڊي موومينٽ 2024ع، سلامتي ڪائونسل جي ليڊرشپ فار پيس جي عنوان سان هاءِ ليول اوپن ڊبيٽ ۽ وڌندڙ سطح سمنڊ سان امڪانن خطرن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزي??اع??م نيويارڪ ۾ آمريڪا – پا??ستان بزنس ڪائونسل ۽ پا??ستاني بينڪرز سان ملاقات پڻ ڪندو ۽ انهن کي حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين ??ان آگاهه ڪندو. وزي??اع??م گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، جنرل اسيمبلي جي صدر فيليمون يانگ، يورپيئن ڪميشن جي صدر ارسلاوون ڊرليئن سان ملاقاتن سان گڏوگڏ گيٽس فائونڊيشن جي باني بل گيٽس، عالمي بئنڪ جي صدر اجي بانگا ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان پڻ ملاقات ڪندو. وزي??اع??م فلسطين ??ي صدر محمود عباس سان خصوصي ملاقات ڪندو جنهن ۾ فلسطين ۾ جاري صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ عالمي برادري کي ان ڏس ۾ قدمن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪرڻ جي حوالي س??ن مشاورت ٿيندي. وزي??اع??م دوست ملڪن جي س??براهن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، برونائي دارالسلام جي سلطان حسن البلقيه پاران برونائي جي گڏيل قومن ۾ ميمبرشپ جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل مانجهاندي ۽ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس پاران بنگلاديش جي گڏيل قومن جي ميمبرشپ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزي??اع??م پنهنجي آمريڪا جي دوري ۾ عالمي اڳواڻن آڏو موسمياتي تبديلي جي خطري ۾ ورتل ملڪن جي مسئلن، پا??ستان جي خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ قربانين، عالمي معاشي نظام ۽ قرضي ملڪن جي مسئلن، ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قبضي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ ۽ اسرائيل پاران معصوم فلسطينين ??ي جاري نسل ڪشيءَ جي حوالي س??ن آواز اٿاريندو.