نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف 7 ارب ڊالر جي آءِ ايم ايف پئڪيج جي منظوري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ائين ئي محنت جاري رهي ته هي پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو، پاڪستان جي معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئي محنت جاري رکنداسين. وز??راعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سڌارن جو تيزي سان لاڳو جاري آهي، پاڪستان جي معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئي محنت جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو خوش آئنده ۽ معاشي ٽيم جي محنت جو واضح ثبوت آهي، سفارتي محاذ تي ڪاميابين سان گڏوگڏ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو انهن جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي آهي جنهن تي پاڪستاني برادري جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ئي محنت جاري رهي ته انشاءَ الله هي پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو. وز??راعظم آءِ ايم ايف پئڪيج جي حوالي سان معاونت فراهم ڪندڙ دوست ملڪن خاص طور تي سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امار??ت، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ۽ سندس پوري ٽيم جا ٿورا مڃيا. وز??راعظم پوري حڪومتي معاشي ٽيم، نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ناڻي واري مملڪتي وز??ر علي پرويز ملڪ، پاڪستان جي چين ۾ سفير خليل هاشمي، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ، ناڻي واري سيڪريٽري جا پڻ ان حوالي سان ڪوششن ۽ محنت تي ٿورا مڃيا. هن سمورين صوبائي حڪومتن خاص طور تي پنجاب جي وز??راعليٰ مريم نواز، سنڌ جي وڏي وز??ر سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وز??ر سرفراز بگٽي جا پڻ ٿورا مڃيا.