اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته سيڙپڪاريء?? جي عمل کي هموار ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي رعايتون فر??هم ڪرڻ واريون پاليسيون جوڙي رهيا آهيون. هن اها ڳالهه ڪالهه پاڪ برونائي ان??يسٽمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ۽ سعودي پاڪ انڊسٽريل اينڊ ايگريڪلچرل ان??يسٽمينٽ ڪمپنيءَ سميت گڏيل سيڙپڪاري ڪمپنين جي نمائندن سان جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ڪمپنين جي اڳڀرائي، چئلينجز ۽ مستقبل جي منص??بن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٻنهي ڪمپنين جي سينيئر قيادت شرڪت ڪئي. سي اي او پاڪ برونائي ان??يسٽمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (پي بي آءِ سي ايل) ڪمپني جي پورٽ فوليو ۽ پاڪستان ۾ ??هم قدمن جي باري ۾ مختصر جائزو پيش ڪيو. هن ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۽ برونائي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ پي بي سي آءِ ايل جي ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته مالي خدمتون، ريئل اسٽيٽ ۽ ايس ايم اي جي مدد جي ذريعي صنعت ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاريء?? جي سهولت فر??هم ڪئي وئي آهي، ڪمپني ان??ن شعبن ۾ ??هم اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻه طرفي واپار ۽ اقتصادي استحڪام کي هٿي ملي رهي آهي. سي اي او سعودي پاڪ انڊسٽريل اينڊ ايگريڪلچرل ان??يسٽمينٽ ڪمپني ملڪ ۾ اسلامي ماليات، ڊجيٽل فنانس، واپار، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪمپنيء?? جي ??هم ترقياتي قدمن جي باري م بريفنگ به ڏني. اجلاس ۾ ان??ن ڪمپنين جي آپريشنز جي مختلف پاسن سيڙپڪاريءَ سميت حڪمت عملي، ڪارڪردگي جي جاچ ۽ ڪيترين رڪاوٽن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڪمپنين پنهنجي ڪاميابين ۽ چئلينجز جو جائزو پيش ڪيو ۽ آپريشنل رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ لاءِ پاليسي سپورٽ جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير ٻنهي ڪمپنين جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ڪجهه سالن ۾ هدف جي حاصلات جي حوالي سان سعودي عرب جو ويزن 2030ع ساراهه جوڳو آهي ۽ پاڪستان ان حوالي سان سعودي عرب جي تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت نجي شعبي جي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي. هن سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ٻنهي ڪمپنين جي ڪردار ۽ منص??بن جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته سيڙپڪاريء?? جي عمل کي هموار ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي رعايتون فر??هم ڪندڙ پاليسيون جوڙيون پيون وڃن.