اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي)رٿابندي،ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن قبال چيو آهي ته دنيا چين جي معاشي ترقي ۽ مارڪيٽ مان فائدا حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان جي جاگرافيائي حيثيت سبب سي پيڪ منصوبو اڄ به اهميت رکي ٿو، سي پيڪ جي حيثيت کي نظر ۾ رکندي اڄ به اسان جي لاءِ ترقي جا ڀرپور موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهجي صدارت هيٺ پاڪ – چين اقتصادي ر??هداري جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو، اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري دوران پاڪ – چين اقتصادي ر??هداري جي حوالي سان ٿيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. هن چ??و ته چين ۽ پاڪستان جي قيادت وچ ۾ اقتصادي ر??هداري جي ٻئي مرحلي تي مڪمل اتفاق راءِ آهي، هن چ??و ته گذريل هفتي منهنجو چين جو دورو پڻ وزيراعظم جي چين جي دوري جي ڪڙي هو، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته دنيا چين جي معاشي ترقي جي ماڊل ۽ ملڪي مارڪيٽ مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي،2018 ع تائين پاڪستان سي پيڪ سبب چين جي جديد معاشي ماڊل ۽ اوپن مارڪيٽ مان فائدو حاصل ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ هو، 2018ع کان پوءِ سي پيڪ منصوبن کي تڪراري بڻائي رولڙي جو شڪار ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي تعيمر هيٺ منصوبن کي روڪيو ويو جنهن سان اسان دنيا کان پوئتي رهجي وياسين. هن وڌيڪ چيو ته 2018 تائين سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ اهم راهدري هئي اڄ به خطي ۾ بيلٽ اينڊ روڊ هيٺ ڪيتريون ئي ر??هداريون ڪاميابي سان آخري مرحلن ۾ پهچي رهيون آهن.پاڪستان جي جاگرافيائي حيثيت سبب سي پيڪ منصوبو اڄ به اهميت رکي ٿو. اڄ به اسان لاءِ ترقي جا ڀرپور موقعا موجود آهن.هن چ??و ??ه ٻنهي ملڪن جون حڪومتون ايم ايل ون منصوبن تي جلد ڪم جي شروعات لاءِ متفق آهن، ريلوي وزارت ايم ايل ون جي منصوبن کي جلد شروع ڪرڻ لاءِ سمورن دستاويزن ۽ ضروري قدمن کي مڪمل ڪري. هن چ??و ته منهنجي چين جي تازي دوري دوران ايم ايل ون منصوبن لاءِ ج??ائنٽ فنانسنگ ڪميٽي جو اجلاس جلد گهرائڻ ت?? اتفاق ٿيو آهي. اجلاس هڪ مهيني اندر منعقد ڪيو ويندو ۽ ايم ايل ون منصوبي کي مرحليوار مڪمل ڪيو ويندو. احسن اقبال چيو ته ريلوي ۽ اين ايڇ اي عملدارن سڄي خطي جي ر??هدري لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪن، ماسٽر پلان ۾ ٻڌايو ويندو ته سي پيڪ ۽ پاڪستان ڪهڙي ريت خطي کي جوڙڻ ۽ عالمي اقتصادي ترقي جي انجڻ طور اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.