اسلام آب??د – 10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ آب??دي جو عالمي ڏينهن 11 جولاءِ خميس ڏينهن ملهايو ويندو. انسان جي شروعات کان 1800 عيسوي تائين انساني آ??ادي جو انگ هڪ ارب ٿيڻ ۾ هزارين سال لڳا. پر 1920ع جي ڏهاڪي ۾ آب??دي 2 ارب تائين پهچي وئي، يعني ان کي ٻيڻو ٿيڻ ۾ صرف 120 سال لڳا. ان کانسواءِ 50 سال بعد 1970ع جي ڏهاڪي ۾ آب??دي ٻيڻي يعني چار ارب ٿي وئي. دنيا جي آ??ادي 8 ارب 10 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي. هن وقت دنيا ۾ انساني آ??ادي ۾ روزانو اڍائي لک جو اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو ساليانو بني??د تي جرمني جي ڪل آب??دي جي برابر آهي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عالمي آ??ادي ۾ اضافي ۽ ان جي اثرن طرف ڌيان ڇڪائڻ آهي، جڏهن ته آب??دي جو عالمي ڏينهن پائيدار ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ آب??دي ۾ اضافي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿو. گڏيل قومن پاران آب??دي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي منظوري 1989 ع ۾ ڏني وئي هئي جنهن کان پوءِ هر سال اهو ڏينهن 11 جولاءِ تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا جن ۾ عالمي طور تي آ??ادي ۾ اضافي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل تي روشني وڌي ويندي جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص مواد شايع ۽ پروگرام نشر ڪيا ويندا.