اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه آذربائيجان جو صدر الهام عليوف 11 کان 12 جولاءِ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪن??و. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران صدر الهام عليوف صدر آصف ??لي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڌريون ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مض??وط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي شعبن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون. اميد آهي ته دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ٿينديون. بيان موجب آذربائيجان جي صدر جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مض??وط تعاون ۽ قيادت جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جي عڪاسي ڪري ٿو.