اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ سمال ميڊيم انٽر پ??ائ??ز ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو يارهون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايم ايز جي ترقي ۽ سهولتن لاءِ 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته سمال ميڊيم انٽر پ??ائ??زز معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم ايس ايم ايز جي رجسٽريشن ۽ سهولتڪاري کي منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس جي پڌ??ائ?? مطابق ايس ايم ايز لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٽيڪسن کي هم آهنگ ۽ هڪجهڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته سي??پڪ??ري ۾ اضافي لاءِ ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت جو ڪم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ادارن کي ڪريڊٽ جي سهولت ڏيڻ، انڊسٽريل اسٽيٽس ۾ ايس ايم ايز جي لاءِ زمين رکڻ، مختلف اسڪيمن ذريعي عورتن جي انٽر پرينيورشپ کي ترقي ڏيڻ ۽ 5 بلين جي رق?? سان سمال ميڊيم انٽر پ??ائ??ز فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.