اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيني صنعتن کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جي لاءِ چيني ۽ پاڪستاني ڪمپنين جي گڏيل منصوبن کي اڳتي وڌ??ئڻ جي هدايت ڪئي آهي. سيڙپ??ار?? بورڊ (بي او آءِ) جي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو ته پاڪستان ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپ??ار?? کي فروغ ڏيڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت واپارين ۽ سيڙپ??ار?? لاءِ ??ار??بار دوست ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي تازي چين جي دوري دوران شينزين ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) جي پوئيواري بابت جامع رپورٽ پيش ڪن. هن پنهنجي چين جي دوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ خصوصي اقتصادي زونز ون اسٽاپ شاپ جي قانوني م??ود?? جو جائزو وٺڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز ش??يف چيو ته چين جي ٽيڪسٽائيل، چمڙي، جُوتن ۽ ٻين صنعتن کي پاڪستان ۾ منتقل ڪرڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. ان موقعي تي بريفنگ دوران بي او آءِ جي سيڪريٽري ٻڌايو ته چيني صنعتن کي پاڪستان منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ اسلام آباد ۾ واپاري سهُولت مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ چيني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ”ايزي بزنس ايڪٽ“ جو م??ود?? قانوني ڪيسن بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن اماڻيو پيو وڃي. اجلاس ۾ نج??ار?? ۽ سيڙپ??ار?? واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل سينيئر سر??ار?? عملدارن شرڪت ڪئي.