اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال ??ي پهرين 10 مهينن دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 94.8 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان اپريل تائين واپاري خسارو 21.6 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 17.7 ارب ڊالر تي اچي ??يو جيڪو گذريل مالي سال ??ي انهي عرصي دوران 22.6 ارب ڊالر هو. اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال ??ي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي ناڻي ۾ 3.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 23.8 ارب ڊالرن تائ??ن پهچي ويو. گذريل مالي سال ??ي انهي عرصي دوران 23 ارب ڊالرن جو پرڏيه?? مان اماڻيل ناڻو رڪارڊ ٿيو هو. حڪومت جي سڌارن وار??ن پاليسين ۽ معاشي بحالي لاءِ کنيل قدمن جي نتيجي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال ??ي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال ??ي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر تائ??ن پهچي وئي، جيڪا گذريل مالي سال ??ي انهي عرصي دوران هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ٿي هئي. هلندڙ مالي سال ??وران مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ به چڱو اضافو ٿيو آهي ۽ اهي وڌي 14 ارب ڊالرن تائ??ن پهچي ويا آهن. هن وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 8 ارب 90 ڪروڙ ڊالر آهن. معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ روپئي جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو رڪجي ??يو ۽ جون 2023ع کانپوءِ روپئي جي قدر ۾ 2.8 سيڪڙو اضافو جو رڪارڊ ٿيو.