اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ مفاهمت جي 16 يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. چين ?? پاڪستان جي سفير خليل هاشمي، سيڙپڪاري بورڊ ??ار?? سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري پاڪستان چين بزنس ڪانفرنس جي حوالي سان بريفنگ ڏني. پلانن?? ڪميشن پاران جاري بيان موجب پاڪستاني سفير خليل هاشمي چيو ته چيني ڪمپنين بزنس ڪانفرنس ۾ تمام گهڻي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، ??ي هڪ غيرمعمولي ايونٽ آهي، چين جي 700 نالي??ار?? ڪاروباري شخصيتن فورم ۾ شرڪت جي لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪيو آهي. خليل هاشمي چيو ته افتتاحي اجلاس کي وزيراعظم محمد شهباز شريف اهم خطاب ڪندو، افتتاحي اجلاس کانپوءِ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻيون شيڊيول آهن. خليل هاشمي چيو ته وزيراعظم جي افتتاحي اجلاس کان اڳ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ٿيندي. سيڙپڪاري بورڊ ??ار?? سيڪريٽري چيو ته افتتاحي اجلاس ۾ شمسي توانائي جي امڪانن، گوادر بندرگاهه ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ماحول جي موضوعن تي بريفنگ ڏني ويندي، پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ 16 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون.