اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطيني سفير کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان هر عالمي فورم تي فلسطيني عوام ??ان يڪجهتي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو، پاڪستان غزه جي عوام جي لاءِ امدادي سامان جون 7 قسطون موڪليون آهن جڏهن ته وڌيڪ هڪ عيد کانپوءِ موڪلي ويندي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد اي اي ربي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي وزير پڻ موجود هئا. وزيراعظم فلسطين جي صدر ڊاڪٽر محمود عباس پاران سندس ٻيو ڀيرو وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد واري پيغام تي سندس ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان جا فلسطين ??ان تاريخي ۽ ويجها ڀائراڻا ??اڳاپا آهن ۽ پاڪستان تسلسل ??ان فلسطين مسئلي جي گڏيل قومن، او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمن تي حمايت جاري رکي آهي. وزيراعظم 7 آڪٽوبر 2023ع کان غزه ۾ تسلسل ??ان جاري تازي اسرائيلي ڏاڍ جي مذمت ڪندي چيو ته بهادر ۽ معصوم فلسطينين تي اهو اسرائيلي ڏاڍ فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. هن 17 هزا?? ٻارن سميت 32 هزار فلسطينين جي بي رحماڻي موت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيلي فورسز جي ظالماڻي ڪاررواين ??ان 70 هزار زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڏکڻ آفريقا پاران ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ان فورم تي فلسطين جي حمايت ۾ پاڪستان پاران ڏنل بيان جو حوالو ڏنو. گڏيل قومن پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران منظور ڪيل جنگبندي جي قرارداد جي آجيان ڪندي اسرائيل پاران ان قرارداد کي نظرانداز ڪرڻ جي اسرائيلي رويي تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪندي چيو ته ان قرارداد جي باوجود اسرائيلي ڏاڍ جاري اهي. هن فلسطيني سفير کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان هر عالمي فورم تي فلسطيني عوام ??ان يڪجهتي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. پاڪستان غزه جي عوام جي لاءِ امدادي سامان جون 7 قسطون موڪليون آهن جڏهن ته وڌيڪ هڪ عيد کانپوءِ موڪلي ويندي. فلسطيني سفير وزيراعظم ۽ پاڪستان جي عوام پاران فلسطين جي عوام جي مدد ??ي ٿورا مڃيندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ان ??ان فلسطينين جو حوصلو بلند ٿيو آهي.