اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگردي جي ??اس??ر جي خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، حڪومت بشام وا??عي جي اعليٰ سطحي ۽ جلد جاچ ڪري ذميوارن ۽ سهولتڪارن کي سخت سزا ڏيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ چيني سفارتخ??ني جو دورو ڪيو ۽ چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ سان بشام ۾ دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهرين جي م??رج?? تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان مو??عي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم جون همدرديون چيني شهرين جي گهرڀاتين سان آهن، پاڪست??ني حڪومت وا??عي جي اعليٰ سطحي ۽ جلد جاچ ڪري ذميوارن ۽ سهولتڪارن کي سخت سزا ڏيندي. چيني سفير سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيني صدر ۽ چيني وزيراعظم جي لاءِ وا??عي جي حوالي سان تعزيتي پيغام ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي اهڙي ڪڌي ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، سي پيڪ جي دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي بزدلاڻي حرڪت سان ان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي پر دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن، دهشتگردي جي ??اس??ر جي خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. چيني سفير وزيراعظم جي سفارتخ??ني اچڻ ۽ وا??عي جي جاچ ۾ ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيا ۽ وزيراعظم جي پاڪ چين دوستي جي حوالي سان عزم کي ساراهيو.