برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ 2024ع جي موقعي تي آذربائيجان ج?? پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سا?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جا??ي بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي زراعت ۽ انساني صحت سميت سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان ج?? تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو ع??م ڪيو. هنن ائٽمي توانائي جي استعمال جي ذريعي موسمياتي تبديلين ج?? مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان زراعت سميت ائٽمي ايپلي ڪيشنز ۾ ڪاميابي سا?? تعاون ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار آذربائيجان سا?? ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ تجربي ۽ مهارت جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان ج?? تياري کان آگاهه ڪيو.