پشاور – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت بر??اتن ۽ برفباري جي متاثرين سان هر قسم جو تعاون ڪندي، سمورا ادارا گڏجي متاثرين جي ريسڪ??و ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن، اين ڊي ايم اي صوبائي انتظاميا سان گڏجي متاثرين جي ريسڪ??و ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. هن اها ڳالهه تازي طوفاني بر??اتن ۽ برفباري سان خيبرپختونخواهه ۾ نقصانن ۽ جاري ريسڪ??و ۽ بحالي جي قدمن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هو هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور پهتو. ان موقعي تي وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي سان گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراع??م کي تازي طوفاني بر??اتن ۽ برفباري جي نتيجي ۾ نقصانن ۽ جاري امداد ۽ بهالي جي قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراع??م کي صوبائي انتظاميا، پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجل??س کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ تازي طوفاني بر??اتن ۽ برفباري جي نتيجي ۾ 40 ماڻهو فوت جڏهن ته 62 ماڻهو زخمي ٿيا جن ۾ 27 ٻار به شامل آهن. ان کانسواءِ 635 گهر مڪمل ۽ جزوي طور تباهه ٿيا آهن. اجل??س کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي انهن طوفاني بر??اتن ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 20 لک، زخمي ٿيندڙن کي في فرد 5 لک، مڪمل تباهه ٿيل گهرن جي رهواسين کي 7 لک جڏهن ته جزوي طور متاثر گهرن جي رهواسين کي 3.5 لک رپيا ڏنا پيا وڃن. وزيراع??م کي ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ سمورن وڏن رستن کي جزوي طور تي بحال ڪيو ويو آهي جڏهن ته جن رستن تي برفباري ۽ ڇپُون اڃان به ڪرن پيُون انهن تي به ڪم جاري آهي. اجل??س کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ امڪاني برفباري جي حوالي سان پڻ ضلعي ۽ صوبائي انتظاميا ۽ اين ڊي ايم اي جي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري مڪمل آهي. بريفنگ دوران وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورا ادارا گڏجي طوفاني بر??اتن ۽ برفباري جي متاثرين جي ريسڪ??و ۽ بحالي جي قدمن ۾ حصو وٺن. هن چيو ته متاثرين جي مدد ۽ بحالي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته اها صوبائي انتظاميا سان گڏجي متاثرين جي ريسڪ??و ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته متاثر گهرن جي رهواسين کي ايندڙ 5 ڏينهن ۾ امدادي رقم جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ وفاقي حڪومت متاثرين سان هر قسم جو تعاون ڪندي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، اسحاق ڊار، خواجه آصف، عطا تارڙ، امير مقام، مرتضيٰ جاويد عباسي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي.