اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو عهدو ڇڏيندڙ اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آه?? ته قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن کي خلوص نيت سان عوام جي ??جتماعي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊ جي موقعي تي پنهنجي ??لوداعي خطاب ۾ هن چيو ته ايوان جو 22 هون اسپيڪر بڻجڻ هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آه??. هن چيو ته نون چونڊيل ميمبرن کي ديانتداري ۽ خلوص نيت سان عوام جي ??جتماعي مسئلن ۽ قوم کي درپيش مسئلن جي ??ل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ تي پنهنجي ??اريخي خطاب ۾ هن ايوان کي مڪمل اختيارن جو مالڪ ۽ بهترين ادارو قرار ڏنو هو. هي اسان جي گڏيل ذميواري آه?? ته اسان گڏيل تعاون ذريعي مسئلن جو حل تلاش ڪريون. هن چوڻ هو ته هي ايوان عوام جي ??جتماعي شعور جو ادارو آه??، عوام جون نظرون اسان سڀني تي آه??، اسان کي پنهنجي ??رز عمل سان ملڪ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، محمد نواز شريف، ميان شهباز شريف ?? ٻين پا??لياماني پا??ٽين جو ٿورو مڃيو. هن نئين چونڊيل اسپيڪر کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته ٽيون ڀيرو اسپيڪر بڻجڻ سندس قائداڻي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار آه??. هن نئين اسپيڪر لاءِ پنهنجي نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو.