اسلام آباد- 30 جنوري (اي پ?? پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن جي صدر حاجي اشفاق احمد وڙائچ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته چيمبر، حڪومت ۽ پرائيويٽ تعليمي شعبي وچ ۾ ويڇن کي ??هٽ ڪرڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي ان?? کي ??هٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيمبر طرفان هاڪاري فيڊ بيڪ ک?? تسليم ڪيو ۽ چيو ته اهي تجويزون ايندڙ آءِ پي اي ايم سي ۾ صوبن کي موڪليون وينديون. وفاقي وزير کي صوبن ۾ اڻ اعلانيل موڪلن جي مسئلن بابت ٻُڌايو ويو، جنهن سبب اسڪولن جا تعليمي ڏينهن ??هٽ ٿي رهيا آهن. هن کي ٻُڌايو ته تعليمي ڪئلينڊر سال کي اهڙيءَ طرح نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن کي ختم ڪيو وڃي. وفاقي وزير کي ٻُڌايو ويو ته موسمياتي تبديلين سبب مختلف علائقن جي موسم مختلف انداز ۾ متاثر ٿيندي آهي. پي اي سي استادن جي تربيت جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ حڪومت کي پ??هنجون خدمتون پيش ڪيون. پي اي سي چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر ذريعي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي ان?? کي ??هٽ ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ پي اي سي پ??هنجون خدمتون وفاقي حڪومت کي به پيش ڪيون. وفاقي وزير چيو ته اهي تجويزون هاڪاري آهن ۽ صوبن کي انهن کي عملي جامو پارائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته پاليسيون اهڙي طرح بڻايون وڃن ته هاءِ اينڊ ۽ لو اينڊ پرائيويٽ ادارن لاءِ هڪ ئي پاليسي نه هئڻ گهرجي.