اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين ??الياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 کان 19 جنوري تائين ??وئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيوس جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. عالمي اقتصادي فورم موجوده رجحانن ۽ چئلينجن، د??يا جي جوڙجڪ جي اڳڀرائي ۽ گڏيل پاليسي ردعمل کي جوڙڻ جي لاءِ حڪومتي ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن جو ساليانو ميڙ آهي. هن سال جي اجلاس جي ٿيم ”ري بلڊنگ ٽرسٽ“ آهي. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم ٽن اهم موضوعن واري تقريبن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ عالمي تڪرارن کي دور کي روڪڻ، عالمي نظام تي اعتماد بحال ڪرڻ ۽ اقتصادي ڀڃ ڊاهه کي روڪڻ شامل آهي. نگران وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم ۾ ”ٽريڊ ٽيڪ ٽريلي?? ڊالر پرامز“ جي موضوع تي اهم خطاب به ڪندو ۽ حڪومتي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.