اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بنيادي صحت جي سهولتن تي هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو جي ان تائين پهچ يقيني بڻائيندي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت واري عالمي اداري جي ??اڪستان ۾ نمائندي ڊاڪٽر پليٿا م??هي پالا سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجُود هئا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ص??ت جي عالمي اداري ۽ ٻين حصيدارن جا پاڪستان جي صحت واري شعبي ۾ سڌارن ۾ تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ص??ت جي عالمي اداري پاران سڄي پاڪستان سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بنيادي صحت مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي ??دمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم چيو ته صحت جي عالمي اداري جي عطيو ڪيل موبائيل صحت اسپتالن ۽ ايمبولينسز سان بنيادي صحت جون سهولتون عام ماڻهو جي گهرن جي درن تائين پهچايون وينديون. ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تائين بنيادي صحت جون سهولتون پهچائڻ جي ??اءِ موبائيل هيلٿ يونٽ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته بنيادي صحت جون سهولتون هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو تائين ان جي ??هچ يقيني بڻائيندي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظ?? کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ 464 صحت جي بنيادي مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي ??يگا پراجيڪٽ تي ڪم ايندڙ ٻن مهينن جي ??ختصر عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. نگران وزيراعظ?? کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته موبائيل هيلٿ يونٽ نه رڳو ماڻهن کي علاج جون بنيادي سهولتون فراهم ڪندو پر ڊيجيٽل نظام تحت اهو صحت جي ??ونٽ جي ??رڪزي نظام سان ڳنڍيل هوندو ۽ مريضن کي وڏين اسپتالن ۾ ريفر به ڪري سگهندا. بعد ۾ نگران وزيراعظم ص??ت جي عالمي اداري ۽ قومي صحت واري وزارت جي ??چ ۾ ليٽر آف انڊراسٽينڊنگ تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم ص??ت جي عالمي اداري پاران عطيو ڪيل 5 ايمبولينسز، هڪ موبائيل ڪلينڪ ۽ 2 ويڪسينيشن وينز جو پڻ جائزو ورتو.