لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان لاهور آفيس جو دورو ڪيو. اسٽيشن ڊائريڪٽر جاويد اختر ۽ ناليواري اداڪار خالد عباس ڊار وفاقي وزير ج?? استقبال ڪيو ۽ گلدستو پيش ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو جي عمارت ۾ قد??م ترين ورثي جون شيون ڏٺيون ۽ انهن جو جائزو ورتو جڏهن ته پراڻو پيانو وڄائي سڀني کي ??يران ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير ريڊيو آفيس جي مختلف حصن بشمول ميوزڪ لائبريري، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز چينل جو دورو ڪيو ۽ نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز لاهور ان سائيٽ پروگرام ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار پڻ ڪيو. هن ريڊي?? اسٽاف جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ پراڻي مسئلن تي ٺوس بريفنگ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ انهن شڪايتن کي ??تم ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. ريڊي?? اسٽيشن جي ڊائريڪٽر جاويد اختر وفاقي وزير کي ??يڊيو پاڪستان جي ڪم بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته ريڊيو پاڪستان لاهور جي لابي ۾ تاريخي گلوڪارن ۽ فنڪارن جون تصويرون پڻ لڳل آهن.