اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي ??چت کي فراڊ سان متاثر ٿيل عورت کي 12 لک رپيا منافعي سان گڏ واپس ڪرڻ ??ي هدايت ڪندي وفاقي ??حتسب جي فيصلي جي خلاف مرڪزي قومي ??چت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب راولپنڊي جي عورت شهري جي اڪائونٽ مان جعلي چيڪ بُڪ ذريعي 12 لک رپيا ڪڍرايا ويا هئا. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مرڪزي قومي ??چت ڊائريڪٽوريٽ معاملي جي مناسب جاچ جي لاءِ ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪلي ۽ انڪوائري کانپوءِ فراڊ جي معاملي ۾ ملوث اهلڪارن کي سزا ڏني وڃي. تفصيل موجب عابده رفعت (شڪايت ڪندڙ) وفاقي ??حتسب کي شڪايت ڪئي ته سندس قومي ??چت راولپنڊي ۾ پينشنز بينيفيٽ اڪائونٽ هو، عورت کي 2021ع ۾ خبر پئي ته 2019ع ۾ سندس اڪائونٽ مان 12 لک رپيا فراڊ ذريعي ڪڍيا ويا. رقم هڪ چيڪ بُڪ ذريعي ڪڍي وئي، جيڪو عورت کي ڪڏهن جاري نه ڪيو ويو هو. عورت فراڊ جي ڇنڊڇاڻ ۽ رقم جي وصولي جي لاءِ قومي ??چت کي شڪايت داخل ڪرائي، معاملي جي صحيح ڇنڊڇاڻ نه ڪئي وئي ۽ عورت کي چيو ويو ته اها ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهي. عورت وفاقي ??حتسب سان رابطو ڪيو جنهن قومي ??چت کي معاملو ايف آءِ اي کي موڪلڻ جو چيو. قومي ??چت معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪلڻ بدران صدر کي اپيل داخل ڪري ڇڏي. صدر وفاقي ??حتسب جي فيصلي جي خلاف مرڪزي قومي ??چت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر وفاقي ??حتسب جو فيصلو برقرار رکندي عورت کي رقم واپس ڪرڻ ??و حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي. صدر چيو ته قومي ??چت پنهنجي ئي خط ۾ اعتراف ڪيو ته جعلي ٽرانزيڪشن جي ذريعي اڪائونٽ مان 12 لک ڪڍرايا ويا، قومي ??چت جي اندروني انڪوائري دوران آفيسر بيان ڏنو ته رقم کي گن مين ۽ ڪيشيئر جي ذريعي دوکيبازي سان ڪڍيو ويو. صدر چيو ته قومي ??چت ڄاڻايل اهلڪارن کي انڪوائري ۾ شامل ئي نه ڪيو، ثابت ٿئي ٿو ته قومي ??چت جي انڪوائري جو عمل شفاف نه هو. صدر چيو ته قومي ??چت جو معاملو ايف آءِ اي کي ڏيڻ جي مخالفت ڪرڻ ??نا جواز آهي، وفاقي ??حتسب صحيح نشاندهي ڪئي ته معاملي جي صحيح طريقي سان جاچ نه ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي چيو ته قومي ??چت 30 ڏينهن ۾ محتسب کي تعميل جي رپورٽ پيش ڪري.