اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسلامي ن??رياتي ڪائونسل کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي ن??رياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبلا اياز سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي قبلا اياز نگران وزيراعظ?? کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. اسلامي ن??رياتي ڪائونسل جي چيئرمين نگران وزيراعظ?? کي ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن نگران وزيراعظ?? کي اسلامي ن??رياتي ڪائونسل جي مجلس عامله جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته اسلامي ن??رياتي ڪائونسل ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ م مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسلامي ن??رياتي ڪائونسل کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو.