اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اوگرا واحد ادارو آهي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قي??تن بابت اعلان ڪري ٿو، هو پيٽروليم مصنوعات جي قي??تن بابت قياس آرائين جو حصو نه آهي، ا??با?? ۽ صحافي خليق ڪياني کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کان اڳ مون کان پڇيل سوال ۽ ان جو جواب ٻڌڻ گهرجي. صحافي خليق ڪياني جي هڪ خبر جو حوالو ڏيندي مرتضيٰ سولنگي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هو آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي کي ساراهي ٿو ته هن هر هڪ کي پيٽروليم مصنوعات جي قي??تن بابت قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ جو چيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته هو انهن قياس آرائين جو حصو نه آهي، هڪ پريس ڪانفرنس دوران کانئس پڇيو ويو ته پيٽروليم مصنوعات جي قي??تن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي؟ ??نه?? تي مون واضح طور تي چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قي??تن جو بنيادي طور تي تعين عالمي مار??يٽ جي قي??تن ۽ ڊالر جي مٽاسٽا جي شرح سان ٿئي ٿو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير واضح ڪيو ته اهو ٻڌائڻ کانسواءِ ته امڪان ويجهو آهي يا نه، مون انهي ڏينهن هڪ شايع ٿيندڙ رپورٽ جو ذڪر ڪيو ??نه?? ۾ قي??تن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اهو اوگرا جو اختيار آهي ۽ اوگرا ئي واحد ادارو آهي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قي??تن بابت اعلان ڪري ٿ??. ن??ران وفاقي وزير چيو ته هن ان ڳالهه جو ڪو اشارو ناهي ڏنو جيئن ته هڪ قومي انگريزي ا??با?? ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ا??با?? ۽ صحافي خليق ڪياني ٻنهي کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کان اڳ مون کان پڇيل سوال ۽ ان جو مڪمل جواب ٻڌڻ گهرجي، اهو ان جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.