اسلام آباد – 04 آگسٽ(اي پي پي) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته پرڏيهي وزارت جي ڪيمپ آفيسن ۾ خرچن ۾ گهٽتائ?? ڪئي وئي آهي ۽ سادگي واري پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سين??ٽر محسن عزيز ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر ايوان کي ٻڌايو ته وزارت جي ڪيمپ آفيسن ۽ صوبن ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيسن ۾ 40 گاڏيون ??ڌيڪ ناهن ۽ انهن تي خرچن ۾ به ڪٽوت?? ڪئي وئي آهي ته جيئن سادگي واري پاليسي تحت بچت کي يقيني بڻائي سگهجي.