مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي م??ڊيا بابت وزير سلمان بن يوسف الدوساري گذريل ڏينهن حج 2023ع جي ڪوريج لاءِ قائم پريس آپريشن روم جو دورو ڪيو ۽ اتي سمورن معاملن جو جائزو ورتو ته جيئن حج جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي ڪم کي آسان بڻائي سگهجي. ان موقعي تي م??ڊيا بابت وزير کي پريس آپريشن روم جي خدمتن ۽ ڪم جي طريقيڪار کي بريفنگ ڏني وئي. هن ورچوئل پريس سينٽر ۾ ڪم جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. جيڪو هن سال جي حج سيزن جي ڪوريج ڪندڙ 1100 کان وڌيڪ مقامي ۽ عالمي صحافين کي ويڊيوز ۽ تصويرن سميت ميڊيا سروسز فراهم ڪندو آهي. پنهنجي آغاز کان وٺي وي پي سي صحافين کي 1500 کان وڌيڪ پريس مواد جي دستيابي کي يقيني بڻايو آهي ۽ سومر کان شروع ٿيل حج جي 3 ڏينهن تائين پنجن ٻولين ۾ حج پريس ڪانفرنس به نشر ڪندو. ميڊيا بابت وزير ايس پي اي جي پريس آپريشن روم جو به دورو ڪيو جنهن ذريعي م??دس هنڌن تي فيلڊ رپورٽرن سان نگراني ۽ هم آهنگي برقرار رکي ويندي آهي، اهو آپريشن روم منيٰ، عرفات ۽ ٻين مقدس هنڌن تي ايس پي اي جي قائم ڪيل چئن ٻين ميڊيا مرڪزن مان هڪ آهي، جيڪو عالمي خابرو ايجنسين کي به سپورٽ ڪندو آهي. سعودي وزير کي ايس پي اي جي ڪوششن بابت بريفنگ ڏني وئي. هن حج سيزن کي ڪور ڪندڙ ڪيترن ئي سرڪاري ادارن جي م??ڊيا رابطيڪار آفيسرن سان به ملاقات ڪئي. هن عرفات ۾ ميڊيا واري وزارت جي هيڊ ??وارٽر ۾ ٿيندڙ ڪم ۽ سالياني حج کي ڪور ڪرڻ ۾ استعمال هيٺ ٽيڪنالاجي جو به جائزو ورتو. ان بعد هن جمرات پل تي واقع سعودي براڊڪاسٽنگ اٿارٽي جي اسٽوڊيوز جو به دورو ڪيو ۽ کيس حج جي رڪنن جي ڪوريج ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي بابت بريفنگ ڏني وئي. هن عرفات م ايس پي اي جي م??ڊيا سينٽر جو به دورو ڪيو جيڪو ان هنڌ صحافين ۽ عالمي م??ڊيا شراڪتدارن کي ڪم ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري تيارين سان ليس آهي. ميڊيا بابت وزير ان بعد منيٰ ۾ وزارت جي هيڊ ??وارٽرز جو دورو ڪيو. هن وزارت جي هيڊ ??وارٽرز جي اندر عالمي صحافين لاءِ مختص ميڊيا سينٽر جو به دورو ڪيو جتي هن ڪوريج ڪندڙ ڪيترن ئي صحافين سان پڻ ملاقات ڪئي. ميڊيا بابت وزير وزارت جي سمورن ملازمن ۽ ان سان واڳيل اختيارين سان ٿورا مڃيا جيڪي حج جي سيزن جي ڪوريج ۾ حصو وٺندا آهن ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان حاجين جي خدمت ۽ حج جي سفر ۾ سهولتن جي فراهمي لاءِ اثرائتن قدمن کي اجاگر ڪيو.