پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين پاران ٻوڏ سٽيل علائقن جي بحالي ۽ ن??ين سر تعمير تي تعاون جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته جي ايس پي پلس اسان جي روانگي واپار کي زبردست فرو?? ڏنو آهي ۽ اهو اسان جي معيشت جي لاءِ اهم آهي، اسان جي حڪومت يورپي يونين سان پنهنجي مضبوط حصيداري کي وڌيڪ قائم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. يورپي ڪميشن جي سربراهه ارسولا وان ڊيرليين جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته توهان سان ملي سدا??ين خوشي ٿيندي آهي، اسان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن بابت نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسان يورپي يونين پاران ٻوڏ سٽيل علائقن جي بحالي ۽ ن??ين سر تعمير سان گڏوگڏ جنيوا ۾ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس ۾ ان جي فعال شرڪت جي لاءِ اهم تعاون تي ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته جي ايس پي پلس اسان جي روانگي واپار کي زبردست فرو?? ڏنو آهي ۽ اهو اسان جي معيشت جي لاءِ اهم آهي، منهنجي حڪومت يورپي يونين سان پنهنجي مضبوط حصيداري کي وڌيڪ قائم ڪرڻ جي خواهشمند آهي، واپاري، اقتصادي ۽ سياسي سطحن تي وسيع امڪانن موجب پنهنجي لاڳاپن ک?? اڳتي وڌائڻ جي لاءِ توهان ک?? پاڪستان جي دوري جي لاءِ گهرائيندي مون ک?? خوشي ٿي رهي آهي.