اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپاني پرڏيهي وزير يوشيماسا هايا شي جي دعوت تي 2 کان 3 جولاءِ تائين جاپان جو سر??ار?? دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پرڏيهي وزير ٽوڪيو ۾ جاپاني پرڏيهي وزير يوشيماسا هايا شي سان اهم ڳالهه ٻولهه ڪندو. ٻئي پرڏيهي وزير ٻطرفي واپار ۽ سيڙپ??ار??، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، انفارميشن ٽ??ڪنالاجي، ثقافت ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئي اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي، ڊگهي مدي ??ارن فورمن ۾ تعاون ۽ مڪالمي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.