ڪراچي – 01 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ٻارن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ سمورن حصيدارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن انهن ??ي ڪوششن کي هم آهنگ ڪندي خصوصي ٻارن جي بحالي جو ڪم مڪمل ۽ بهتر انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهجي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ايسوسيئيشن آف ريٽارڊڊ چلڊرن ڪراچي (اي آر سي ڪي) جي وفد سان ??لاقات ۾ ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت سان گڏوگڏ خيراتي ادارن خصوصي ٻارن جي بحالي، تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ انهن کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۽ معاشرتي زندگي ۾ انهن جي شموليت جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هن چيو ته 9 سالن کان ??ڌيڪ عمر جي مختلف معذور ٻارن کي نادرا ۾ خصوصي حيثيت سان رجسٽرڊ ڪري سگهجي ٿو جيڪو حڪومت پاران ??راهم ڪئي ويندڙ س??ول??ن ت??ئين انهن جي پهچ کي يقيني بڻائي ٿو. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ خصوصي ٻارن ۽ انهن جي مخصوص ضرورتن جي حوالي سان ??عاشري ۾ آگاهي ۾ اضافو ٿيو آهي پر ملڪ ۾ ??هڙ?? ٻارن جي انگ کي ڏسندي وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. صدر پٺتي پيل ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ بحالي جي مقصد جي لاءِ اي آر سي ڪي جي 50 سالن کان ??ڌيڪ عرصي کان جاري ڪوششن کي ساراهيو ۽ تنظيم جي عهديدارن تي زور ڏنو ته اهي ان ??قصد جي لاءِ ڪم ڪندڙ ٻين تنظيمن سان ت??اون کي فروغ ڏين ته جيئن انهن ??ي ڪوششن جو فائدو وڌ کان ??ڌ ٻارن کي پهچي سگهي. ان ??وقعي تي بيگم ثمينه عارف علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي ذريعي خصوصي ٻارن جي بحالي ??ي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل انجمنن ۽ تنظيمن جي تعاون جي ضرورت آهي. اي آر سي ڪي جي وفد صدر کي ايسوسيئيشن ??ي ڪارڪردگي، انهن جي اسڪول ۾ دستياب س??ول??ن ۽ درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. بعد ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيگم ثمينه عارف علوي سان گڏ ايسوسيئيشن آف ريٽارڊڊ چلڊرن اسڪول ڪراچي جي خصوصي ٻارن جي تيار ڪيل دستڪاري ۽ فن پارن جو پڻ مشاهدو ڪيو ۽ انهن جي محنت ۽ فني خوبصورتي کي ساراهيو.