رديگ – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ آزاداڻي واپار جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي، ايران جي صدر سان واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، شمسي توانائي ۽ معيشت جي ٻين شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، بارڊر مارڪيٽ جي قيام ۽ نئين ٽرانسميشن لائين سان پاڪ ايران ??وس??ي مضبوط ٿيندي، گڏيل واپار ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهي منصوبا ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ ايران سرحد تي معزز اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي لاڀائتن ۽ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي. ٻنهي طرفن کان سنجيدگي ۽ خلوص سان ان ڳالهه جو کليل اظهار ڪيو ويو آهي ته ٻئي ڀائر ۽ اسلامي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ معيشت جي ٻين شعب?? ۾ ??ڪ ٻئي جو تعاون ڪندا. آزاداڻي واپار کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي، اهو طئي ٿيو ته ايران کان بجلي جي په?? ۾ ??ڏي گنجائش آهي، ان ۾ به گڏيل تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته ان جي تجويز تي ايراني صدر خاطري ڪرائي آهي ته شمسي توانائي جي شع??ي ۾ ٻئي ملڪ تعاون کي تيزي سان فروغ ڏنو ويندو ڇو ته ا?? ۾ ??ڏي گنجائش آهي. وزيراعظم چيو ته هن ملاقات ۾ سي پيڪ جي حوالي سان مثبت تجويزون پيش ڪيون آهن. اسان جي و?? ۾ ??ائديمند ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ تيزي سان قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته اڄ مند پشين بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو ويو آهي، اهو منصوبو ٻنهي ملڪ?? ۾ ??اپار وڌائيندو، ڀرپاسي جي علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، ??تي واپاري مرڪز ٺهندا جنهن جي ذريعي واپار ٿيندو، هي اهو هدف آهي جنهن جي لاءِ ايران ۽ پاڪستان گڏجي پنهنجي قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام آڻي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته شمسي توانائي جي شع??ي ۾ تعاون جي لاءِ هڪ ٻئي جي ملڪن جا دورا ڪنداسين. اڄ پاڪستان ۽ ايران جي لاءِ وڏو ڏينهن آهي، گوادر جي لاءِ 100 ميگاواٽ بجلي جي پهچ لاءِ ٽرانسميشن لائين جو منصوبو دير جو شڪار هو، موجوده حڪومت ان کي تيزي سان مڪمل ڪيو آهي ۽ ايران جي صدر ان ۾ ذاتي دلچسپي ورتي آهي. بجلي جي ٽيرف کي به گڏيل رضامندي سان طئي ڪيو ويو آهي. پاڪ ايران ??وس??ي جي حوالي سان هي منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان ٻنهي ملڪن جي ??وس??ي مضبوط ٿيندي ۽ اهو عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو.