اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا جي صحافين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته جنهن ما??ول ۾ اهي ڪم ڪن ٿا اهو اڪثر چئلينجن ۽ خطرن سان ڀرپور هوندو آهي، صحافت جي ”و??چ ڊاگ“ ڪردار جمهوريت ۽ شفاف حڪمراني ۾ مدد ڪئي آهي. صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون سڄي دنيا جي صحافين کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. خاص طور تي پاڪستان جي صحافين کي عوام کي آ??اهي ۽ تعليم ڏيڻ جي سارا??ه جوڳي ڪم تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته جنهن ما??ول ۾ اهي ڪم ڪن ٿا اهو اڪثر چئلينجن ۽ خطرن سان ڀريل هوندو آهي پر ان جي باوجود اهي ماڻهو پنهنجي ذميوارين جون ادائيگيون جاري رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته صحافت جي واچ ڊاگ ڪردار جمهوريت ۽ شفاف حڪمراني جي نظرين جي فروغ ۾ مدد ڪئي آهي.