اسلام آباد ?? 22 ??? مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اقتص??دي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب قومي اقتص??دي ڪائونسل جي پنجاب ۽ خيبرپ??تو??خواهه جي نئين سر جوڙجڪ نئين حڪومتن جي قيام جي ڪري ڪئي وئي. پنجاب مان توانائي، صنعت، واپار، سيڙپڪاري ۽ هنرسازي واري وزير احسن تنوير ۽ خيبرپ??تو??خواهه مان ناڻي ۽ توانائي واري صلاحڪار حمايت الله خان کي ميمبر طور قومي اقتص??دي ڪائونسل مقرر ڪيو ويو آهي. صدر نئين سر جوڙجڪ جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 156 (1) تحت وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني آهي.