اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي وفاق ۽ صوبن جي ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو. وزي??اع??م مرغي جي قيمتن ۾ اضافي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ رمضان المبارڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رمضان المبارڪ دوران کاڌي پيتي جي بنيادي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۾ استحڪام يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزي??اع??م کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ سميت کاڌي پيتي جي شين جي ڪا کوٽ نه آهي. وزي??اع??م شهباز شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته وفاق ۽ صو??ن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي. هن هدايت ڪئي ته ذخيره اندوزي ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن جي خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي. رمضان المبارڪ کان اڳ گودامن، دڪانن ۽ منڊين ۾ آپريسن ڪن. ٻوڏ، معاشي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام کان رمضان ۾ جيڪو وڌيڪ قيمت وٺي، ان کي سختي سان منهن ڏيو. وزي??اع??م وفاقي حڪومت کي وڏن وزيرن سان گڏجي رمضان ۾ شين جي رواني ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته عبادتن جي مهيني ۾ جيڪو ??وز??دارن کي تنگ ڪري، ان کي قانون جي طاقت سان سبق سيکاريو. شهباز شريف سخت هدايت ڪئي ته شين جي طلب، پهچ ۽ قيمتن ۾ ڳڙٻڙ ٿي ته لاڳاپيل علائقن جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. وزي??اع??م ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خوراڪ جي کوٽ نه ته پوءِ مرغي جي قيمت ۾ اضافو ڇو؟ وزي??اع??م هدايت ڪئي ته جيڪو عوام کي تنگ ڪري، قانون ان کي پڪڙ ۾ آڻي، ڪا نرمي نه ڪئي وڃي. عوام تي مهانگائي جو بار وڌائيندڙ منافعي خورن کي پڪڙيو ۽ قانون جو سبق سيکاريو. وزي??اع??م اها به هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي معياري شين جي فراهمي يقيني هجڻ گهرجي. مقدس مهيني ۾ موبائيل يوٽيلٽي اسٽورز قائم ڪريو، سحر ۽ افطار ۾ ??وز??دارن جون دعائون وٺو. وزي??اع??م وفاق ۽ صو??ن ۾ سستا رمضا بازار لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته رمضان بازارن ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي.