اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پشاور ۾ مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو ??هي ته عبادت دوران مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ اسلام، انسانيت ۽ پاڪستان جا دشمن آهن، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون قو?? جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، سموري پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف پرعزم ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب صدر مسجد ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ نمازين جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته سڄي پاڪستاني قوم دهشتگردن جي مڪمل ۽ حتمي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل ??هي. دهشتگردي جي پاڙ کان خاتمي لاءِ گڏيل ۽ ڏورس قدم کڻڻ جي ضرورت ??هي. هن چيو ته دهشتگردن جو نظرياتي ب??ياد ختم ڪرڻ جي لاءِ سڀني مڪتبه فڪر کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسلام ش??ري?? جي ب?? رحماڻي قتل ۽ خودڪش حملن جي اجازت بلڪل نه ٿو ڏي، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون اسلامي تعلي?? جي ابتڙ آهن. هن خودڪش حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي، حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي ب??ندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.