صحبت پور – 04 – جنوري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف صحبت پور ۾ سمارٽ اسڪول جو افتتاح ڪيو، اهو سمارٽ اسڪول ٻوڏ کان تباهي جي شڪار علائقي ۾ 2 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ تعمير ڪيو ويو. صحبت پور جي هڪ ڏينهن ج?? دوري جي موقعي تي وز??را??ظم ان اسڪول جو افتتاح ڪيو. وز??را??ظم جي هدايت تي اسڪول ۾ آءِ جو?? جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. اسڪول ۾ اليڪٽرانڪ سمارٽ بورڊ (بليڪ بورڊ) مهيا ڪيا ويا آهن. وز??را??ظم سمارٽ اسڪول کي بلوچس??ان ۾ پهرين دانش اسڪول ۾ تبديل ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي وز??را??ظم اسڪول جي ٻارن سان گهلي ملي ويو. وز??را??ظم شاگردن سان گڏ انهن جي ڪلاس رومز ۾ ويهي رهيو. وز??را??ظم ٻارن سان گڏ راند ۾ پڻ حصو ورتو. شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته تعليم ۽ تربيت ۽ هنرمندي سان ئي غربت ۽ جهالت جو مقابلو ممڪن آهي، توهان جي تعليم ئي اهو هٿيار آهي جنهن سان اسان پاڪس??ان کي خوشحال ۽ ترقي يافته بڻائي سگهون ٿا، توهان جي تعليم سان ئي انقلاب ايندو. هن چيو ته بلوچس??ان جي ترقي توهان جي ترقي آهي، توهان جي ترقي پاڪس??ان جي ترقي آهي.