اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ملڪي معاشي صورتحال جي حوالي سان ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ گردش ڪندڙ ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط کي بي بنياد ۽ جعلي قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وزارت جي ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا ڊويزن جي نالي سان جاري خط جعلي آهي. ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه ر??و غيراخلاقي ۽ غيرقانوني قدم آهي پر اهو قومي نقصان جو به سبب آهي. غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪرڻ هر هڪ جي ذميواري آهي. واضح ر??ي ته جعلي خط ۾ س??ڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين سهولتن ۾ گهٽتائي جو ذڪر آهي.