اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هن چيف جسٽس آف پاڪستان کي 2 ??ط لکيا آهن جن ۾ ارشد شريف جي قتل ۽ عمران خان تي حملي جي جاچ جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي درخواست ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته انهن افسوسناڪ واقعن کي ڪوڙا الزام هڻڻ، ا??تشار پکيڙڻ ۽ ادارن کي ڪمزو?? ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ا?? ڏس ۾ سچائي جو تعين ٿيڻ ڏنو وڃي.