اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد ??ريف جي ڪينيا ۾ افسوسناڪ موت تي ارشد ??ريف جي ماءُ ۽ پاڪستان ۾ ڪينيا جي سفير کي ٽيليفون ڪئي، ارشد ??ريف جي ماءُ سان تعزيت جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان حڪومت ارشد ??ريف جي موت جي حوالي سان ڪينيا جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن ارشد ??ريف جي ماءُ کي سندس پٽ جي موت تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ملندڙ معلومات کان آگاهه ڪيو۔ هن چيو ته ارشد ??ريف جي موت تي تمام گهڻو ڏک آهي. گهروارن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. ارشد ??ريف جي موت جي سببن جي خبر جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪينيا جي حڪومت سرڪاري طور تي ارشد ??ريف جي موت بابت هيستائين ڪجهه ??اهي ٻڌايو، جيئن ئي ڪينيا جي حڪومت اسان کي آگاهه ڪندي، اسان تفصيلن کان ارشد ??ريف جي گهروارن ۽ عوام کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستاني ??يڊيا تي ارشد ??ريف بابت جاري قياس آرائيون افسوسناڪ آهن. ڪينيا ۾ پاڪستان جي ه??ءِ ڪمشنر پوليس وارن سان رابطي ۾ آهي، ان کانسو??ءِ پاڪستان ۾ ڪينيا جي سفير سان به رابطو ٿيو آهي، جنهن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. پاڪستان ۾ ڪينيا جو سفير پنهنجي حڪومت کان معلومات وٺي اسان کي آگاهه ڪندو. گهرو وزارت ڪينيا جي سيڪيورٽي ايجنسين سان رابطي ۾ آهي. حقيقتون عوام آڏو آڻينداسين. هن چيو ته تصديق ٿيل حقيقتون سامهون اچڻ تائين قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي. ارشد ??ريف جي موت جي حوالي سان سمورين حقيقتن تائين پهچنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.