اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ گڏيل عرب امارات سان ٺوس اقصادي حصيداري جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل عرب امارات سان ??قتصادي سفارتڪاري ۽ سيرپڪاري جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي ان ??ي موجوده سطح 10.6 بلين ڊالر کان وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان ??ي ??ام??د سفير فيصل نياز ترمذي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي، واپار، صنعت، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ ??هم??ن نوازي جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستاني هڪ اثاثو آهن ۽ بنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو 22 – 2021ع ۾ 5.814 بلين ڊالر رهيو جنهن پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي ناڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. صدر عارف علوي پاڪستان ۾ بوڏ سٽيلن جي امداد تي گڏيل عرب امارات جي حڪومت جا ٿورا مڃيا، گڏيل عرب امارات مان 57 امدادي اڏامون ۽ 2 سامونڊي جهاز امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي چڪا آهن. هن ايف اي ٽي ايف ۽ آءِ ايم ايف ۾ گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان ??ي حمايت سان گڏوگڏ پاڪستان ??ي ليڪويڊيٽي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي وڌائڻ جي لاءِ 2 بلين ڊالر فراهم ڪرڻ جي قدم کي پڻ ساراهيو. گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان ۾ 2.9 بلين ڊالر جي سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري تي اطمينان ??و اظهار ڪندي هن چيو ته ايندڙ سالن ۾ ان ??يڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر ??ام??د سفير کي چيو ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پاڪستان ??ي آن لائين اعليٰ تعليمي ادارن بشمول علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي سان ڊيجيٽل رابطو پيدا ڪري ته جيئن انهن جي ڊيجيٽل صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ۽ ان ??ي مهارتن جي فروغ جي لاءِ اعليٰ ڪورسز پڻ شروع ڪيا وڃن جنهن سان ??نهن جي آمدني کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ان ??لسلي ۾ هن خاص طور تي وزيراعظم جي ڊيجيٽل مهارتن جي تربيتي پروگرام تي روشني وڌي. صدر ??ام??د سفير کي هندستاني معاشري ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن ۽ هندوتوا بالادستي جي نظرين جن سان ??قليتن خاص طور تي مسلمانن جي زندگين کي خطري بابت گڏيل عرب امارات جي قيادت کي آگاهي ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.