اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??مران نيازي جي ٽئين آڊيو ليڪ سندس منهن تي هڪ زوردار ٿڦڙ آهي، عمران نيازي قومي مفاد ۽ ملڪي سلامتي سان سنگين راند کيڏي ۽ شيطاني چالون هليون، ضمير خريد ڪرڻ شرڪ هو ته ??ڊيو ليڪ کانپوءِ ڇا ثواب ٿي ويو؟ عمران خان ”جيل ڀريو تحريڪ“ جي نه ”کيسو ڀريو“ تحريڪ جو ليڊر آهي، گهڙين، مُنڊين، ڪجهه ٽڪري زمين، هيرن ۽ اق??دار جي هوس جي غلام وزيراعظم جي آئيني عهدي کي ٽوڙيو، هو ماڻهن کان حقيقي آزادي جو حلف ڪهڙي منهن سان وٺي رهيو آهي، اق??دار ۾ اچي ملڪ کي معاشي غلام بڻائڻ ۽ معيشت تباهه ڪرڻ وارو اق??دار وڃڻ کانپوءِ هاڻي ائٽمي طاقت پاڪستان کي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ??مران نيازي روزانو ڪوڙ ڳالهائي ٿو، سندس شيوو آهي ته ??يترو ڪوڙ ڳالهايو جو سچ لڳڻ لڳي، هن شخص ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي اسان کي ٿڪائي ڇڏيو پر پاڻ نه ٿڪيو. هن چيو ته ??مران خان جي هڪ نئين آڊيو ليڪ ٿي آهي جنهن ۾ هن چيو ته ??ائفر تي کيڏڻو آهي ۽ آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو، اها آڊيو ليڪ عمران خان جي حقيقي آزادي جي بيانيي تي هڪ ٻي زوردار ٿڦڙ آهي جنهن جي گونج روزانو اچي ٿي پر عمران خان جي ڪنن تائين نه ٿي وڃي. هن چيو ته ??مران خان سمجهي ٿو ته ??يڪي ماڻهو ان جون ڳالهيون ٻڌن ٿا اهي سڀ بيوقوف آهن، هي ماڻهن کي پنهنجي ڪوڙ ۽ چالن سان بيوقوف بڻائي ٿو. هن چيو ته ??مران نيازي ڪوڙو، منافق، فارن ايجنٽ آهي جنهن پوري ملڪ جي معيشت سان کيڏيو، چئن سالن ۾ ماڻهن کان روزگار کسيو، ڪشمير جو سودو ڪيو ۽ فارن پاليسي سان کيڏيو. هن چيو ته هن شخص 2018ع ۾ اق??دار ۾ اچڻ جي لاءِ هارس ٽريڊنگ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??مران خان ملڪ جي ترقي سان کيڏيو، ملڪ ۾ مهانگائي، افراتفري، عدم برداشت پيدا ڪيو ۽ معاشري کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن پوري ملڪ کي دنيا ۾ رسوا ڪيو، جڏهن سندس اق??دار جي ڪرسيءَ لُڏي ته هن پوري دنيا ۾ پيغام ڏيڻ شروع ڪيو ته 22 ڪروڙ عوام جو ملڪ ائٽمي طاقت غلام آهي، هن شخص ج?? اندر ڪو شرم نه آهي، ان کي احساس نه آهي ته ??ندس منهن مان نڪتل لفظ ملڪي مفاد، قومي سلامتي ۽ دنيا ۾ ملڪ جي عزت کي مجروح ڪن ٿا. اطلاعات وفاقي وزير چيو ته ??مران نيازي کي ڪنهن سان ڪو سروڪار نه آهي، هن شخص کي رڳو پنهنج?? اناءَ عزيز ۽ پنهنجي اق??دار جي هوس آهي. عمران خان ملڪي معيشت تباهه ڪئي، ماڻهن کان روزگار کسيو، ڪشمير جو سودو ڪيو، معاشري جي اخلاقيات جو قتل ڪيو، پنهنجا کيسا ڀريا، ڌاڙا هنيا، مال غنيمت ڦريو، فارن ايجنٽ جا مقصد ڪجهه ٻيا هئا، ان جي ايجنڊا اڻ مڪل آهي، ان جو مقصد ملڪ کي چار حصن ۾ ورڇ ڪرڻ ۽ مل کي ڏيوالپڻو ڪرڻ هو، هي ملڪ کي سريلنڪا بڻائڻ چاهيندو هو، هي پنهنجي هدف جي ويجهو پهچي چڪو هو پر سندس ايجنڊا اڻ مڪمل رهي، اڃا هن کي وڌيڪ توشه خانه جا تحفا ۽ هيرن جون مُنڊيون وٺڻيون هيون، ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ تباهه ڪرڻو هو. هن چيو ته ??مران نيازي کان اق??دار ويو ته هن جي ملڪ سان دشمني شروع ٿي وئي، عمران خان 2018ع جي اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ڪئي، سينيٽ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ پنهنجي پارٽي جي اليڪشنن ۾ به خريد ۽ وڪرو ڪيو، عمران خان آڊيو ليڪ ۾ چيو ته مون 5 ايم اين ايز خريد ڪري ورتا آهن، عمران خان چيو هو ته ??يڪو هارس ٽريڊنگ ڪري ٿو شرڪ ڪري ٿو، اڄ جي آڊيو ليڪ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ??قول عمران خان صاحب جي شرڪ ٿيو آهي ۽ اهو شرڪ عمران خان پاڻ ڪيو آهي. هن چيو ته ??سان اڳ ۾ به چيو هو ته ??نهن سمورين شين جو ماسٽر مائنڊ عمران خان پاڻ آهي، عمران خان بند ڪمري ۾ چيو ته ??ائفر سان کيڏڻو آهي، ڪمري کان ٻاهر چيو ته ٻاهرئين سازش ٿي وئي آهي، بند ڪمري ۾ چيو ته 5 ايم اين ايز خريد ڪري ورتا آهن ۽ ٻاهر چوي ٿو ته هارس ٽريڊنگ شرڪ آهي، ه?? انهن ماڻهن جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي جيڪي عمران خان جي ڳالهه ٻڌن ٿا، عمران خان پنهنجو پاڻ کان اهي سوال ضرور پڇي ته ??ڊيو ليڪس ۾ جيڪي حقيقتون سامهون آيون آهن اهي ڇا ٿيون چون؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هيستائين جيتريون به آڊيو ليڪس آيون آهن عمران خان انهن جي ترديد ناهي ڪئي. هن چيو ته ??يڪو شخص پاڻ پنهنجي حلف جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي اهو ٻين کان ڪهڙي منهن سان حلف وٺي رهيو آهي؟ هن چيو ته ??مران خان پاڻ آڊيو ليڪ ۾ چيو ته 5 ايم اين ايز خريد ڪري ورتا آهن جيڪو ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته هن هارس ٽريڊنگ ڪئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??مران خان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي به اڄ تائين ڪٿي چئلينج ناهي ڪيو، عمران خان خيرات جا پئسا پنهنجي منفي سياست 7 رياست سان کيڏڻ ۾ لڳايا، جيڪو شخص پنهنجي خواهش، پنهنج?? اناءَ، ڪجهه هيرون، زمين جي ڪجهه ٽڪرن، خيرات جي پئسن ۽ ڪرسيءَ جو غلام هجي اهو 22 ڪروڙ عوام کي چئي رهيو آهي ته هي سڀ غلام آهن. هن چيو ته ??مران خان ڪهڙي حقيقي آزادي جي ڳالهه ڪري ٿو، ڇا حقيقي آزادي ملڪ کي ڏيوالپڻو بڻائڻ، ملڪ جي مفاد کي داءُ تي لڳائڻ ۽ ملڪ جي خلاف چالون هلڻ آهي؟ ڇا عمران خان 5 ايم اين ايز جي خريد ۽ وڪري سان حقيقي آزادي وٺڻ چاهي ٿو؟ هن چيو ته ??يڪڏهن ڪنهن سياست ۾ منڊي لڳائي آهي ته ??ن جو نالو عمران خان آهي، عمران نيازي خيرات جي پئسي کي سياست جي لاءِ استعمال ڪيو، ملڪ ج?? اندر پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري پنهنجي سياسي مخالفن کان انتقام ورتو، انصاف ضرور ٿيندو، طاقتور قانون جي هيٺ ضرور ايندو. هن چيو ته هي شخص اڳ ۾ پنهنجو پاڻ کي چوري، ڌاڙي، ڪوڙ ۽ اق??دار جي هوس کان آزاد ڏياري، پهرين پاڻ حلف کڻي ته مون پنهنجي ملڪ سان سازشون ڪيون ۽ راند کيڏي، چالون هليون، پنهنجي اق??دار ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، ان تي معافي گهران ٿو، پهرين اهو حلف وٺي. هن چيو ته هي شخص چوي ٿو ته منهنجي دور ۾ ترقي ۽ خوشحالي هئي، 2018ع ۾ ان جي پنهنجي اق??صادي سروي جاري ٿي جنهن موجب ان جي دور ۾ مهانگائي 2 سيڪڙو مان 20 سيڪڙو تائين پهتي، ترقي جي شرح 6.3 سيڪڙو کان گهٽ ٿي منفي هڪ سيڪڙو تي اچي وئي، 35 رپيا في ڪلو اٽي جي قيمت 100 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي، کنڊ جي قيمت 52 رپين مان وڌي 120 رپيا في ڪلو تائين وئي، گيهه جي قيمت 140 رپيا في ڪلو مان وڌي 540 رپيا في ڪلو تائين وئي. ان جي دور ۾ بجلي جي قيمت 9 رپيا يونٽ مان وڌي 24 رپيا في يونٽ تائين وئي، گئس جي قيمت به وڌي. هن چيو ته ??مران خان چوي ٿو ته مون سڀ کان وڌيڪ پئسو آبادگارن کي ڏنو جڏهن ته ??قيقت ۾ ان جي دور ۾ آبادگار مشڪل صورتحال ۾ هئا، ڊي اي پي ڀاڻ جي قيمت 2400 رپين مان وڌي 10 هزار رپين تائين پهچي وئي هئي، اهي سموريون شيون عوام وساريون ناهن، عمران خان تقريرن ذريعي عوام کي بيوقوف بڻائي ٿو. هن چيو ته ??مران خان 50 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، هن هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو جنهن ۾ هو ناڪام ٿيو، ماڻهن کي 50 لک گهر به نه مليا. هن چيو ته ??مران خان 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جو چيو ۽ پاڪستان جي بنيادن ۾ ڪرپشن جو ٻج پوکيو، عالمي حصيدار ان جي دور جي ڪرپشن جي ڪري ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه ٿا ڪرڻ چاهين. هن چيو ته ??مران خان پنهنجي خلاف سامهون ايندڙ ڪنهن به شيءَ جي ترديد ناهي ڪئي. هن چيو ته هي اهو شخص آهي جيڪو شيطاني چالون هلي ملڪ جي خلاف کيڏندو رهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مريم نواز جو فيصلو ميرٽ تي آيو آهي، ان ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عدالت ڪيترائي ڀيرا نيب کي چيو ته ??ها نواز شريف جو ڪو تعلق انهن فليٽس سان ڏيکاري، نيب چيو ته ??سان وٽ ڪي به دستاويز ۽ ثبوت موجود نه آهن. هن چيو ته پاناما ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو نه هو، جيڪڏهن پاناما ۾ نالو هجي ها ته پوءِ اق??ما جو ڪيس نه ٿو بڻجي. هن چيو ته پاڪستان جي 75 سالا تاريخ ۾ ڪنهن سياسي ليڊر پنهنجي خلاف سياس?? انتقام تي 40 سالن جو حساب ڏنو هجي ته ??ن جو نالو نواز شريف آهي. هن چيو ته ??مران نيازي تي الزام لڳا ته هو ڀڄي ويو، هي عدالتن ۽ قانون کان ڀڄي ٿو. عمران نيازي وٽ چار سالن تائين وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ هئي، اختيار به هئا، نيب ۽ ايف آءِ اي جو چيئرمين به ان وٽ هئا پر ان جي باوجود هو شريف فيملي جي خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته ??مران خان مريم نواز کي موت جي سزا جي چڪيءَ ۾ رکيو پر هوءَ ان جي هڪ هڪ الزام جي آڏو ڄمي بيٺل رهي ۽ اڄ سرخرو ٿي آهي. هڪ سوال ج?? جواب ۾ هن چيو ته هو اڄ ڪرائي جي هڪ ترجمان جي ڳالهه ٻڌي رهي هئي ته ??هي آڊيو ليڪس ڪٿي ٺهي رهيون آهن، جيڪڏهن انهن کي خبر آهي ته ٻڌائي ڇڏين ته ??هي آڊيو ليڪس ڪٿي ٺهي رهيون آهن، هي ڪڏهن ايس وائي زيڊ چون ٿا ۽ ڪڏهن ادارن تي حملا ڪن ٿا، انهن ماڻهن بند ڪمرن ۾ ملڪ جي تقدير سان کيڏيو ۽ چالون هليون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ??يڪڏهن اسان کي سياس?? انتقام وٺڻو هجي ها ته ڪڏهن جو وٺي چڪا هجون ها. عمران خان ملڪ جو بدترين مخالف شخص آهي، ان جون سموريون ڳالهيون ۽ عمل سامهون اچي چڪا آهن. هن چيو ته ??سان آئينيطريقي ۽ عوام جي طاقت سان اق??دار ۾ آيا آهيون، اسان ان فتني کي پاڪستان کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته ??يڪو شخص چوري ڪندو، ملڪ جو پئسو ڦريندو ۽ پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندو اهو قانون جي ڪٽهڙي ۾ ضرور ايندو. وزيراعظم شهباز شريف تي عمران نيازي الزام هنيا، اڄ به هي پنهنجي جلسي ۾ بيه?? ان جي خلاف ڳالهيون ڪندو رهيو، شهباز شريف ٽي ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير رهيو، پنجاب کي ترقي ڏني، اڄ شهباز شريف وزيراعظم آهي پر ان جيباوجود هو قانون جي اڳيان پيش ٿي رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف عمران نيازي ڪوڙو ۽ سازشي شخص آهي، ڪنهن عدالت ۽ قانون جي اڳيان پيش نه ٿو ٿئي. هن چيو ته ??هباز شريف کي نيشنل ڪرائم ايجنسي برطانيا جي عدالت سرخرو ڪيو، هتي به جيتريون بيلز ٿيون آهن انهن ۾ هو سرخرو ٿيو. هن هڪ هڪ شيءَ جو حساب ڏنو، ان جي خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي. هڪ سوال تي هن چيو ته ??هو نه سمجهيو وڃي ته ??مران خان جي خلاف ڪيس سياسي آهن، اهي چوري، ڪرپشن، ڌاڙن جا ڪيس آهن، جيڪڏهن سياسي ڪيس ٺاهڻا هجن ها ته هي 14 اپريل تي گرفتار ٿي چڪو هجي ها. هن چيو ته ??وام کي سمجهڻ گهرجي ته ??مران خان انهن کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته چالبازن سان ڪير ڳالهيون ڪندو جيڪي پاڻ اعتراف ڪري رهيا آهن ته ??ڃا چالون هلڻيون آهن، غلط ۽ صحيح جي فڪر نه ڪريو، آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو. هڪ سوال تي هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثن??ءُ الله واضح ڪيو آهي ته ??ڪومت، پي ڊي ايم، سمورن اتحادين جو فيصلو آهي ته ??سلام آباد جي ماڻهن جي امن، سيڪيورٽي، تحفظ ۽ رياست جي حفاظت جي ذميواري حڪومت جي آهي، عوام کي مايوس نه ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ??مران نيازي کيسا ڀريو تحريڪ جو علمبردار هو، هاڻي هو جيل ڀريو تحريڪ جا ڪوڙا ۽ جعلي نعرا هڻي رهيو آهي. هي شخص چار سال کيسا ڀريو تحريڪ جو ڪم ڪندو رهيو، اق??دار جون چالون هلندو رهيو، هي ٻڌائي ته ??هي 5 ايم اين ايز ڪهڙا هئا جن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.